سيد مٺن شاهه

سيد مٺن شاهه: نامور بزرگ سيد مٺن شاهه 1301هه/ 1882ع ڌاري تعلقي هالا، ضلعي مٽياريءَ جي ڳوٺ سيد اجن شاهه ۾ ڄائو. سندس والد سيد حافظ حيدر شاهه پنهنجي وقت جو عالم، مفتي، قاري ۽ محدث ٿي گذريو آهي. مٺن شاهه ابتدائي تعليم هالن ۾ آخوند ولي محمد کان حاصل ڪئي. ست سالن جو هو، جڏهن سندس والد هالن کي ڇڏي، ٽنڊي مير نور محمد ۾ اچي رهيو. هتي مٺن شاهه، حافظ جان محمد قريشيءَ وٽان قرآن ۽ حديث جو درس حاصل ڪيو. هن کي فارسي ۽ عربيءَ تي دسترس حاصل هئي. مٺن شاهه خلافت تحريڪ ۾ به سرگرم رهيو. مهاتما گانڌي ۽ مولانا شوڪت عليءَ سان دوستاڻا تعلقات هئس. ٻئي سندس گهر ۾ مهمان ٿي رهيا هئا. 1930ع ۾ مٺن شاهه ٽنڊي مير نور محمد مان لڏي اچي حيدرآباد ۾ الهداد چنڊ جي ڳوٺ ۾ سڪونت اختيار ڪئي، جتي اڄ تائين سندس فرزند رهائش پذير آهن. 5 رمضان المبارڪ 1375هه/ 17 اپريل 1956ع تي وفات ڪيائين. سندس فرزندن ۾ اڳوڻو سيشن جج سيد حيدر شاهه ۽ ناميارو اديب ۽ شاعر سيد احسن الهاشمي مشهور ٿيا. مٺن شاهه جو روضو مخدوم نوح جي درگاهه لڳ هالن ۾ آهي.


لفظ سيد مٺن شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو